!!!اسحاق ڊار جو آخر عام ماڻهو ڪهڙو آهي

اسحاق ڊار جو آخر عام ماڻهو ڪهڙو آهي

شفيق شاڪر

اسانجي وفاقي حڪومت جي نهايت ئي درويش، نيڪ نمازي ۽ داتا جي دربار تي ڌمالون هڻندڙ   ۽ قومي خزاني جي امين جناب حافظ محمد اسحاق ڊار صاحب جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي! اهڙا قابل، فرضشناس ۽ خدا ترس معاشي ماهر ڪن قسمت وارين قومن جي ئي حصي ۾ ايندا آهن جن کي ملڪ ۽ قوم جي فقط اها ڳڻتي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندي آهي ته قومي خزاني کي ڪيئن ڀرجي ۽ ڪيئن خالي ڪجي. سائين جن فرمائين ٿا ته اسان ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جو محاذ کٽي چڪا آهيون.مبارڪون…مبارڪون، سائين جن رپئي رپئي لاء رلندڙ هن قوم کي اها خوشخبري ڏني آهي ته 2016 ۾ پاڪستان جي زرمبادله جا زخيرا خيرن سان 21 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندا.هن ايف بي آر جيڪو صرف غريبن تي پنهنجا هٿ صاف ڪندو آهي تنهن کي سخت حڪم ڏنو آهي ته ـ ڇا به ٿي پوي هن سال جي آخر ۾ مونکي 20 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس جي رقم کپي ـ ۽ ايف بي آر چوي ٿي ـ ييس باس، توهان رڳو اسان کي اجازت ڏيو ته پوء انهن مسڪينن جون رڙيون ٻڌجو. پٽ پاراتو ته هونئن به توهان کي لڳندو ناهي جو پريشان ٿيو.هيڏانهن ڪي هوڏانهن ته داتا دربار تي چند ديڳيون لاهي ڇڏجو، ايندڙ علامت ٽري ويندي ـ ٽوائلٽ جي اندر استعمال ٿيندڙ شين تي به ٽيڪس لڳائي جيڪڏهن سائين جو ضد آهي ته معيشيت مستحڪم آهي ته پوء اهوئي چئي سگھجي ٿو ته

  ـ بي ظرف ڪي هاتهون مين اگر جام ديا جائي ،      اس گردش دوران ڪو ڪيا نام ديا جائي! ـ

هن معيشت ۾ خساري جو ڪهڙو کوھ  آهي جيڪو ڀرجي ئي نٿو. هاٿيء جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا ! هوڏانهن هڪ ٻئي ايماندار وزير آمريڪا مان اعلان فرمايو ته

 ـ پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪارن لاء بهترين جڳھ آهي. ـ پهرين ته انهي وزير موصوف کان ڪو اهو ته پڇي ته توهان ڪنهنجا پير کڻي آمريڪا ويا هئا ۽ آمريڪا ۾ ڪو حسن جو ميلو لڳل هو جنهن ۾ نمبر کڻڻ ويا هئا ! ۽  ها انهيء ئي وزير موصوف کان اهو به پڇجي ته نندي پور پاور پلانٽ سان ڪهڙي ماجرا ٿيل آهي جو پير بس ۾ هڻي هلڻ کان کتو جواب ڏييو بيٺو آهي.اهڙن عجيب بيانن تي سمجھ ۾ نٿو اچي ته کلجي يا روئجي؟ صرف پنجاب ۾ 50 ٽيڪسٽائيل يونٽ انهن جي نااهليء سبب بلڪل بند ٿي چڪاآهن جن سان لاڳاپيل اٽڪل 2500 خاندان حڪومتي بي حسيء جي ڪري بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ۽ هاڻي هليا آهن دنيا کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ! جيڪڏهن معيشت ايتري ئي مضبوط آهي ته پوء حڪومت ڌڙاڌڙ بينڪن کان قرض ڪهڙي شوق ۾ پيئي وٺي؟ صرف گذريل پنجن مهينن ۾ حڪومت طرفان بينڪن کان ڇھ سو ارب روپين جو قرض ورتوويو.هاڻي چئو ته اهو به ڪوڙ ۽ حڪومت جي خلاف ڪا سازش آهي.  گذريل زرداري حڪومت جنهن کي مالي طور تي ڪمزور،بدعنوان ۽ نااهل حڪومت ثابت ڪرڻ ئي انهن جي چونڊ مهم جو مرڪزي نڪتو هو، پر انهيء حڪومت پورن پنجن سالن ۾ 1200 ارب روپين جو بينڪن کان ڪل قرض ورتو هو جڏهن ته موجوده اهل حڪومت صرف هن سال ئي اهو ليڪو لتاڙي ويندي. انهيء کي چئبو آهي ته ـ ڏاچي هڻي ڏھ ته توڏو هڻي تيرنهن …! ستم اهو ته پنهنجن ناڪامين ۽ نااهلين جي سزا غريب عوام کي ڏيندي مٿانئن 40 ارب جو وڌيڪ ٽيڪس لڳائي،مهانگائي جو بم اڇلايو ويو.۽ مٿان وري چيو ٿو وڃي ته ٽيڪسن جو بار عام ماڻهوء تي نه پوندو! خبر ناهي ته ڊار صاحب جو ـ عام ماڻهو ـ آهي ڪهڙو جيڪو هن جي آندل هر مصيبت کان محفوظ رهي ٿو! پر ٿي سگھي ٿو ته ڊار صاحب جو اهو مقصد هجي ته ويچاري عام ماڻهوء کي ٽوٿ پيسٽ استعمال ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت ! ٽپو ڏيئي، نم يا کٻڙ جو ڏندڻ پٽي وٺي. مٽيء ۾ ڀڀوت ڪنهن مزدور کي شيمپوء جي مونجھاري ۾ پوڻ جو ڪهڙو ضرور! لسي ته ڳوٺن ۾ عام جام ملي ٿي ، انهيء مان ڪم ٽپائي، ڪجھ منجھائس پيئي ۽ ٻي سڀ وارن ۾ اوتي ڇڏي. انهيء کي انگريزيء ۾ چئبو آهي ـ ٽو ان ون ـ ڀلا غريب جي ٻار کي ٽافي، چاڪليٽ يا آئيس ڪريم کائڻ جو ڪهڙو حق؟ بس ڪري ڪنهن دوڪان تان ڳڙ جو ٽڪرو کڻي وات مٺو ڪري وٺي!  ـ عام ماڻهوء کي عام ماڻهوء جي حيثيت ۾ اسان جو اهو  مفت مشورو آهي ته اهو هن مني بجيٽ تي ڪو احتجاج ڪرڻ بدران خاموش رهي ڇوته خوف اهو آهي ته اسانجي ملڪ جو بچت پسند وزير خزانه آئينده ڪنهن پريس ڪانفرنس م متان اهو به چئي ويهي ته ـ عام ماڻهوء کي ٽوائيلٽ وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ……..! ـ ته پوء عام مانهوء جو ڇا ٿيندو؟  هونئن سوچ سان سمجھڻ جي ڪوشش ڪجي ته ڊار صاحب سچ چئي رهيو آهي ته عام ماڻهوء تي انهن ٽيڪسن جو بار نه پوندو. سو هيئن ته بار ته هميشه جيئرن تي پوندا آهن. جڏهن عام ماڻهو هن مهانگائيء جي مرض وگھي مري ويندو ته پوء باقي بار ڪهڙا ! ـ نه رهيگا بانس نه بجيگي بانسري ـ

روزاني جيجل ڊسمبر 2015